عشق جو چقمق قلمي نسخو

عشق جو چقمق قلمي نسخو

عشق جو چقمق قلمي نسخو

عشق جو چقمق (قلمي نسخو): هن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قلمي نسخي جو مصنف سيد محمد زمان شاهه رضوي ٺٽوي آهي. هي سنڌي ادب جو مقالو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. جنهن جو ڪاتب پاڻ خود مصنف زمان شاهه آهي، ۽ 27 جولاءِ 1915ع/ 19 شعبان 1333هه ۾ لکي مڪمل ڪيائين. هن جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
”سڀني دوستن ناظرين اهل دانش... الخ“
پڄاڻي هن ريت ٿئي ٿي:
”.... والسلام بدوستان تمام 27
جولائي 1915ع/ 19 شعبان 1333 هه ڪتبه
محمد زمان.“
13 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو